سيد غلام علي شاهه

سيد غلام علي شاهه

سيد غلام علي شاهه

سيد غلام علي شاهه: سيد غلام علي شاهه، مشهور ديني عالم، فاضل، بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن جا وڏا ارڙي شهر جا رهاڪو هئا، جتان لڏي اچي ٽنڊي محمد خان ۾ ويٺا. سندس نسبي سلسلو ’شمس سبز واري ملتاني‘ سان ملي ٿو، انهيءَ ڪري سندس پويان ’شمسي ڪڙيوال‘ سڏبا آهن. هن کي ٽي ڀائر هئا. (1) سيد فتح شاهه، جيڪو تعلقي ٺٽي ۾ سونڊن شهر کان اُتر اوڀر طرف، ٻن ميلن جي پنڌ تي جبل جي ڪُر ۾ مدفون آهي جتي سندس روضو به ٺـهيـل آهي. (2) ڪبير شاهه، جيڪو جوڻ جي ويجهو مـدفـون آهي، ۽
(3) ميان شاهه، جنهن جو روضو ڪراچيءَ ۾ لي مارڪيٽ جي ويجهو آهي.
سيد غلام علي شاهه وڏو عالم هو. سندس پوين وٽ سندس ڪتبخاني جو ڪجهه حصو رهيل آهي، جنهن ۾ سوين ڪتاب موجود آهن. سيد غلام علي شاهه جو ڪلام غزلن، مداحن، مناقبن، ڪافين، بيتن ۽ لولين تي مشتمل آهي.
سندس ڪافين جو قلمي نسخو، سندس پوين وٽ محفوظ آهي، جيڪو نستعليق رسم الخط ۾ لکيل آهي.


لفظ سيد غلام علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو